دي اينٽيڪيوٽيز آف سنڌ

دي اينٽيڪيوٽيز آف سنڌ

دي اينٽيڪيوٽيز آف سنڌ

دي اينٽيڪيوٽيز آف سنڌ (ڪتاب): سنڌ جي قديم آثارن (Antiquities) تي هي ڪتاب هينري ڪزنس جو لکيل آهي، جيڪو انگريزيءَ ۾ لکيل آهي. هينري ڪزنس آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ويسٽرن سرڪل بمبئيءَ جو سُپرٽينڊنٽ هو. هن 1895ع کان 1910ع تائين سنڌ جي آثارن جي ڳولا ڪئي ۽ انهن کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم ڪيو. 1907ع تائين هن هي ڪتاب لکي پورو ڪيو ۽ 1925ع تائين ان ۾ واڌارا سُڌارا ڪندو رهيو، جيڪو پهريون ڀيرو 1929ع ۾ ڪلڪتي ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1975ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاڪستان ۾ ڇاپيو. ساڳئي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 1998ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي سنڌ پاران شايع ٿيو.
دي اينٽيڪيوٽيز آف سنڌ‘ سنڌ جي آثار قديمه تي هڪڙو اهم ۽ بنيادي ڪتاب آهي، جنهن ۾ لکت واري مواد سان گڏ فوٽو (پليٽون) ۽ نقشا به ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ آثار قديمه جي حوالي سان جيڪي موضوع کنيا ويا آهن، تن ۾ سنڌو ندي ۽ قديم آثار، جنهن ۾ سنڌو درياهه جي اهميت، آبادي، خوشحالي ۽ زرخيزيءَ کان سواءِ هن شاهه درياهه جا وهڪرا پيٽ/رُخ مٽائڻ ۽ شهرن جي آباد ٿيڻ ۽ برباديءَ جو احوال آهي.
ان کانپوءِ سنڌ جي تاريخ جي مختصر خاڪي واري موضوع هيٺ 711ع ۾ عربن جي حملي کانپوءِ واري اتهاس جو خاڪو چٽيو ويو آهي، جنهن ۾ سياسي صورتحال سان گڏ جاگرافيائي حالتن ۽ تبديلين کي پڻ موضوع بڻايو ويو آهي. سموري سياسي دؤر کي مختصر پر جامع طور تي لکيو ويو آهي. ان کانپوءِ تاريخ کان اڳ جي آثارن ۽ پٿر جي اڻ گهڙيل اوزارن واري موضوع هيٺ پڻ سمورن هٿ آيل هٿيارن ۽ اوزارن متعلق ٻڌايو ويو آهي، جيڪي هن خطي جو سماجي ۽ ثقافتي ورثو رهيا آهن. جنهن کانپوءِ برهمڻ آباد، منصوره ۽ محفوظه جي قلعي تي تفصيلي لکيو ويو آهي. ان کانسواءِ ونڃڙوٽ جي کنڊرن، الور، ڀنڀور، ميرپورخاص جي ٻُڌ واري اسٽوپا، ٺُلهه مير رڪڻ، سڏيرن جي ٺُلهه، ديبل، ٺٽي، حيدرآباد سيوهڻ، بکر واري قلعي، سکر، روهڙي، لاڙڪاڻي، خداآباد، ڊکڻ، بلوچن جي مقبرن ۽ قبرن، متفرقه آثارن، موهن جي دڙي، ماهوٽا (مٿهوٽا) فتح پور هاڪڙي، شاهپور چاڪر جي پراڻن قلعن، مئومبارڪ، بدين پراڻي، وڳهه ڪوٽ، شاهه ڪپور، هالا، مٽياري، ماٿيلي، گهوٽڪي، آمري، ننگرپارڪر، ڀوڏيسر، ويراواهه، پاري نگر، گوڙي، ڌامراهي، مٺو ديري ۽ لانڍي جهڙن قديم شهرن ۽ آثارن کي تفصيلي طور هن ڪتاب ۾ آندو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي پراڻن سڪن بابت پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي رائج هجڻ ۽ اصليت بابت پڻ وضاحتون ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم آثارن، ماڳن مڪانن سان گڏوگڏ مقبرن، عمارت سازيءَ واري فن ۽ خوبصورت عمارتن، سڪن، محلاتن، دڙن ۽ ڦٽل آثارن، درياهه بادشاهه سميت جملي شين جي فوٽو گرافي شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا موضوع ۽ مواد سان گڏوگڏ تمام اهميت واري محسوس ٿئي ٿي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ’سنڌ جا قديم آثار‘ نالي سان سنڌي ادبي بورڊ سال 1998ع ۾ شايع ڪيو، جيڪو عطا محمد ڀنڀري جو ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو